آسٽريليا به پاڪستان اچي سيريز کيڏڻ لاءِ رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪٽو وسيم خان آسٽريليا جي دوري کي ڪامياب قرار ڏيندي چيو آهي ته آسٽريليا 2022 ۾ ٽيسٽ سان گڏ محدودو اوورن جي سيريز لاءِ ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان موڪلڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي. پي سي بي چيف ايگزيڪٽو آسٽريليا جي دوري دوران وسيم خان ڳالهائيندي چيو ته آسٽريليا سان دوري دوران ٻه ٽي اهم موضوعن تي ڳالهيون ٿيون ۽ آسٽريليا سيريز لاءِ پاڪستان ٽيم موڪلڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي. هن چيو ته فيوچر ٽور پروگرام تحت 2022 ۾ آسٽريليا پاڪستان اچي 2 ٽيسٽ ميچون کيڏندي ليڪن اسان جي خواهش آهي ته جيڪا به سيريز ٿئي اها ٽن ٽيسٽ ميچن تي مشتمل هجي. وسيم خان دعويٰ ڪئي ته آسٽريليا پي سي بي جي درخواست قبول ڪري ورتي آهي ۽ 2022 ۾ آسٽريلين ٽيم 3 ٽيسٽ ميچن تي مشتمل سيريز کيڏڻ ايندي جڏهن ته معاهدي تحت آسٽريليا سان 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز به کيڏي ويندي. هن جو چوڻ هو ته 3 ٽيسٽ ميچون کيڏڻ جي ڳالهه ان ڪري ڪئي جو اسان جي ٽيم کي زياده ٽيسٽ ميچ کيڏڻ جو موقعو نه پيو ملي جنهن سان ٽيم جي ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي. پي سي بي جي چيف ايگزيڪٽو جو چوڻ هو ته نوجوان رانديگرن جي ڊولپمينٽ لاءِ نيو سائوٿ ويلز سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي جڏهن ته ايندڙ 4 سالن دوران انڊر 19 ۽ پاڪستان اي ٽيم انگلينڊ، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي دورن بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن جو چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو چئي رهيا هئا ته مصباح الحق گهڻو طاقتور ٿي رهيو آهي حالانڪه سليڪشن ڪميٽي جا ميمبر گڏجي فيصلو ڪندا آهن ۽ هڪ طريقيڪار تحت ٽيم جو انتخاب ڪندا آهن. پي سي بي چيف ايگزيڪٽو چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني بااختيار آهي ۽ جيڪو به فيصلو ڪري رهيو آهي اهو ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو