آسٽريليا، ويسٽ انڊيز ٽيسٽ: پيٽ ڪمنز فٽنيس مسئلن جو شڪار

لاهور(ويب ڊيسڪ)آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز فٽنس مسئلن جو شڪار ٿي ويو.ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته پيٽ ڪمنز ساڄي پير جي تڪليف ۾ مبتلا آهي، جنهن سبب کيس سپورٽ ڪرڻ لاءِ اسڪواڊ ۾ 2 فاسٽ بالرن کي طلب ڪيو ويو آهي.ويسٽ انڊيز خلاف خميس کان شروع ٿيندڙ ٽيسٽ لاءِ 2 فاسٽ بالر مچل نيسر ۽ لانس مورس کي طلب ڪيو ويو آهي.پيٽ ڪمنز ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٻي اننگز ۾ بالنگ نه ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو ٻئي ٽيسٽ تائين مڪمل طور تي فٽ ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو