آسٽريلوي اسٽار بيٽسمين ڊين جونز دل جي دوري سبب فوت

آسٽريلوي اسٽار بيٽسمين ڊين جونز دل جي دوري سبب فوت

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڊين جونز کي دل جو دورو پوڻ سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي هو لاڏاڻو ڪري ويو. ڊين جونز پاڪستان سپر ليگ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جو ڪوچ به رهي چڪو.  هن 10 سال ڪرڪٽ کيڏي 52 ٽيسٽ ۽ 164 ون ڊي کيڏيون. 1987 ۾ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم جو حصو هو ۽ پنهنجي دور جو بهترين بيٽسمين هو. 1984 کان 1994 تائين هو ورلڊ ڪرڪٽ جو حصو رهيو. هن جي زندگي جي يادگار اننگ ڀارت خلاف چنئي ۾ ڇيڏيل هئي جنهن ۾ هن سخت گرمي جي باوجود ڊبل سينچري اسڪور ڪري ميچ ڊرا ڪرائي هئي. هن ٽيسٽ ۾ 3632 رنز اسڪور ڪيون جنهن ۾ 11 سينچريون ۽ 14 هاف سينچريون شامل هيون. جڏهن ته ون ڊي ۾ 6 هزار کي مٿي رنز ٺاهيندي 7 سينچريز ۽ 46 ففٽيز هنيون.

پهنجو تبصرو موڪليو