آزاد ڪشمير  ۾ڪسٽم عملدارن جو ڇاپو، 73 ڪروڙ رپين جي پتي هٿ

آزاد ڪشمير ۾ڪسٽم عملدارن جو ڇاپو، 73 ڪروڙ رپين جي پتي هٿ

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ)آزاد ڪشمير لاءِ چانهه جي درآمد تي ٽيڪس ڇوٽ جو غلط استعمال ڪندڙ درآمد ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آھي،ڪسٽم کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪسٽم عملدارن گودام تي ڇاپو هڻي 73 ڪروڙ رپين جي 850 ٽن چانهه هٿ ڪري ورتي.هن چيو ته ڪسٽم انٽيليجنس جي رپورٽ جي روشني ۾ آزاد ڪشمير حڪومت جي آءِ ٽي جوڙي هئي، جي آءِ ٽي جي رپورٽ موجب گذريل دورن ۾ 255 ڪروڙ رپين جو ٽيڪس چوري ڪيو ويو.ترجمان جو چوڻ هو ته ڪسٽم عملدارن واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري ورتي آهي، ڪارروائي سان 255 ڪروڙ رپين جي چوري ٿيل رقم واپس وٺڻ ۾ مدد ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو