مظفر آباد(ويب ڊيسڪ)آزاد ڪشمير جي وادي نيلم ۾ عورتن ووٽرن کي کڻي ويندڙ جيپ کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 عورت ووٽر فوت ۽ ڊرائيور سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.پوليس موجب حادثو دودنيال واري علائقي ۾ موڙ وٺي وڃڻ دوران جيپ کي پيش آيو، جنهن سبب جيپ بي قابو ٿي اوندهه ۾ ڪري پئي.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ عورت کي فوري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس موجب حادثي ۾ 6 عورت ووٽر موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڊرائيور سميت 7 عورت ووٽر زخمي ٿي پيا، جن مان 6 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.










