ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز محمد سليم خان چيو آهي ته آزادي هڪ اهڙي نعمت آهي جنهن تي جيترو به شڪر ادا ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي ۽ نوجوان نسل ۾ آزادي ۽ حب الوطني جي جذبي کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن NCR-CET ڪاليج پاران يوم پاڪستان جي موقعي تي منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. آزادي هڪ نعمت آهي، انهن ماڻهن کان پڇو جن کي پنهنجو وطن ناهي. ڊائريڪٽر اين سي آر غلام محمود ۽ نيشنل ڪوريئر جي چيف ايڊيٽر انيل احمد عثماني به ان موقعي تي موجود هئا. ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز وڌيڪ چيو ته جن قومن کي پنهنجو آزاد وطن ناهي هوندو اهي ظلم ۽ جبر جي چڪي ۾ پيسجي رهيا آهن، اسان کي ان ڳالهه جو هر دم شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ته اسان جي ابن ڏاڏن برصغير جي مسلمانن لاءِ آزاد وطن جو خواب ڏٺو ۽ ان کي عملي جامو پهرايو. هن چيو ته 23 مارچ 1940 جو ڏينهن اسان جي تاريخ ۾ ان لاءِ به اهميت رکي ٿو ته قرارداد پاڪستان جي منظوري کانپوءِ صرف 7 سالن جي مختصر عرصي ۾ پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو، آهي، جيڪو باباءِ قوم محمد علي جناح جي جوش و جذبي واري قيادت جو نتيجو هو. هن وڌيڪ چيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين نهايت جوش ۽ جذبي سان پنهنجي تقريرن ۽ قومي گيتن ذريعي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته هو پنهنجي مادر وطن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪندا، جيڪا تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي. ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز وڌيڪ چيو ته 20 سال اڳ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تقريرون ۽ قومي گيتن جا مقابلا باقاعدگي سان ڪرايا ويندا هئا، پر هاڻي انهن ۾ واضح طور تي گهٽتائي اچي چڪي آهي اسان کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي، غيرنصابي سرگرميون نصابي سرگرمين وانگر اهم هونديون آهن انهن سان ٻارن کي جسماني نشونما ۾ مدد ملي ٿي. ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز پاران ڪوئز مقابلي ۾ ڪامياب شاگردن ۾ انعام ورهايا ويا. NCR-CET جي ڊائريڪٽر غلام محمود کيس پنهنجي اداري پاران شيلڊ پيش ڪئي، ان موقعي تي قومي جهنڊو پڻ ڦڙڪايو ويو .










