شڪارپور (عبدالخالق سومرو) جمعيت علماءِ اسلام پاران اسلام آباد ۾ ڪيل آزادي مارچ ۾ شڪارپور جي علائقي رحيم آباد لڳ ڳوٺ قمرالدين پھوڙ جو رھواسي 60 سالا پيرسن عبدالڪريم پھوڙ ڪري زخمي ٿيڻ بعد وفات ڪري ويو. ان سلسلي ۾ جي يو آءِ جي ضلعي پريس ترجمان حافظ رفيق شر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مرحوم عبدالڪريم پھوڙ آزادي مارچ ۾ نماز لاءِ وضو ڪري رھيو ھو ته سندس جو پير ترڪي پيو ۽ ھو زخمي ٿي پيو جنھن بعد ھو فوت ٿي ويو. مرحوم جي جنازي نماز آزادي مارچ اسلام آباد ۾ ادا ڪرڻ بعد سندس جو لاش جھاز ذريعي سکر ۽ بعد ۾ اباڻي ڳوٺ قمرالدين پھوڙ روانو ڪيو ويو آھي.










