چمن (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ (ف) ۽ پشتون خوا ملي عوامي پارٽي جي ڪارڪنن آزادي مارچ جي پلان بي تي عمل ڪندي ڪوئٽا چمن روڊ سيد حميد ڪراس کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو آهي. خيال رهي ته ڪوئٽا چمن شاهراهه ذريعي پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ نيٽو سپلائي ٿيندي آهي. ٻنهي جماعتن جي ڪارڪنن رڪاوٽون وجهي سيد حميد ڪراس کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب ڪيتريون ئي مسافر گاڏيون ڦاسي پيون ۽ مسافرن کي مشڪلاتن جو منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جمعيت علماءِ اسلام ف جي صوبائي امير مولانا عبدالواسع چيو آهي ته احتجاج جي پلان بي تي بلوڇستان ۾ عملدرآمد شروع ڪيو ويو آهي پلان بي تحت ڪوئٽا چمن رستو ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ليويز اهلڪارن جي وڏي نفري رستو کولرائڻ لاءِ واقعي واري جڳهه پهچي وئي آهي ۽ رستو کولرائڻ لاءِ مظاهرين سان ڳالهيون جاري رکيون آهن. بلوچستان حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته صوبائي حڪومت ڪوئٽا چمن شاهراهه کي بند ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي ڊپٽي ڪمشنر قلعه عبدالله کي موڪلي مظاهرين سان مذاڪرات جو چيو آهي. واضح رهي ته جمعيت علماءِ اسلام ف جي قيادت ۾ اپوزيشن جماعتن جو آزادي مارچ اڄ 14هين ڏينهن تي به اسلام آباد جي ايڇ 9 گرائونڊ ۾ موجود آهي. جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمٰن وزيراعظم عمران خان کان فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ ۽ نئين چونڊون ڪرائڻ سميت مختلف مطالبا رکيا هن پر حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ وزيراعظم جي استعيفيٰ ۽ نيون چونڊون ڪرائڻ واري معاملي تي هن مهل تائين ڊيڊ لاڪ برقرار آهي.










