آر او پلانٽ ملازم پگهارن کان محروم،احتجاج

آر او پلانٽ ملازم پگهارن کان محروم،احتجاج

مٺي (ن سنڌيار) ٿرپارڪر ۾ اربين روپين جي بجٽ مان لڳل آر او پلانٽ غير فعال آروپلانٽ ملازمن کي گذريل 26مھينن کان پگھارون نه ملڻ خلاف مسلسل احتجاج جاري ڪنهن به نوٽيس نه ورتو پبلڪ هيلٿ ۽ اوسلو ڪمپني جي خلاف ملازمن جا مختلف شھرن ۾ احتجاجي مظاهرا مٺي ڏيپلو ۽ ڇاڇرو ۾ بہ احتجاج ڪيو ويو انهي موقعي تي ڳالهائيندي ملازمن عرفان خدابخش رميش ڀيرو ھيمن پٻو سنڌي چيو آھي ته اسان جا ٻچافاقا ڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهن ٻئي طرف برسات سبب اسان غريبن جا اجها ڊهي پٽ ٿي ويا آهن پر سنڌ حڪومت جي ڪن تي جون بہ نہ ٿي سري اسان ھڪ ڀيرو وري سي ايم سنڌ پبلڪ هيلٿ کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٿرپارڪر جي چونڊيل نمائيندن کي ہ گذارش ٿا ڪريون ت خدا جي واسطي اسان غريبن جي ايندڙ ڪمپنين مان جان ڇڏائي ٿر پارڪر جا غيرفال آروپلانٽ جلد فعال ڪرائي ڏنا وڃن جيئن ت عوام کي آرو پلانٽ مان فائدو به ملي سگهي ۽ پاڪ اوسيس ۽ اوسلو ڪمپني جي خلاف ڪاروائي ڪري ٿيل ڪرپشن جي جانچ ڪرائي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو