چيلهار (ساجد نهڙيو) آر او پلانٽ خراب هجڻ سبب ڳوٺ ارنرو ٽوڀاريو واسين امير ڪنڀر، گووند رام، سومار ڪنڀر، صدام ڪنڀر، اڪبر جماڻي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ سرڪاري سطع تي هنيل آر او پلانٽ وڏي وقت کان خراب پيل آھي جنهن ڪري اسان پاڻي لپ لاءِ انتهائي پريشان بڻجي ويا آھيون. هنن چيو ته آر او پلانٽ خراب هجڻ سبب اسان 3 سو فوٽ اونهي کوھ مان پاڻي ڇڪي ڪڍڻ واري سخت مشڪلات جو شڪار آھيون تڪ جي چونڊيل نمائيندن به اسان جي پيئڻ جي پاڻي واري بنيادي مسئلي تي ڌيان نه ڏنو آھي جنهن سبب اسان انتهائي پريشان بڻيل آھيون. هنن چيو ته 500 سئو گهرن تي مشتمل اسان جي ڳوٺ ارنرو ٽوڀاريو ۾ فقط هڪ ئي آر او پلانٽ آهي جيڪو پڻ وڏي وقت کان بند آهي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته جلد آر او پلانٽ ٺهرائي پاڻي جهڙي نعمت سان نوازيو وڃي.










