آريان خان کي اڃا تائين پاسپورٽ واپس نه مليو ؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان جي پٽ آرين خان عدالت کان پاسپورٽ واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.ڪروز شپ منشيات ڪيس ۾ اين سي بي کان ڪلين چٽ حاصل ڪندڙ سپر اسٽار شاهه رخ خان جي پٽ آرين خان پاسپورٽ واپس ڪرڻ لاءِ خصوصي اين ڊي پي ايس ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.عدالت نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو (اين سي بي) کي جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪندي درخواست تي ٻڌڻي 13 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.آرين خان کي نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو (اين سي بي) گذريل سال آڪٽوبر ۾ هاءِ پروفائل منشيات ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو، پر جاچ اداري هن سال مئي ۾ داخل ڪرايل چارج شيٽ ۾ کيس جوابدار طور نامزد نه ڪيو هو.اين سي بي آرين خان ۽ ٻين 5 ڄڻن کي منشيات ڪيس ۾ ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي هئي، جڏهن ته آرين خان خلاف ڪيس هلندڙ هو، هن ضمانت تي پنهنجو پاسپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرايو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو