آر او ۽ ڊي آرو خلاف جي ڊي اي ۽ اربابر گروپ جواحتجاج

آر او ۽ ڊي آرو خلاف جي ڊي اي ۽ اربابر گروپ جواحتجاج

ڪلوئي (ن سنڌيار) ڪلوئي ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ مبينا ڌانڌلي ۽ ڊي آر او ٿرپارڪر پاران من پسند آر او ۽ پرزائيڊنگ آفيسرن جي مقرر ۽ مرضي جي رزلٽن خلاف ڪلوئي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (ارباب گروپ) پاران ڌرڻو هنيو ويو جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي جنهن ۾ تحريڪ انصاف (ارباب گروپ) اڳواڻن ارباب انور جبار ارباب عنايت الله لجپت سوراڻي ارباب ظفر الله آزاد اميدوار محمد خان لنڊ جي پاران ڪلوئي تعلقي جي پنج ڪائونسلن جي اڳواڻي ڪري احتجاجي ڌرڻو هڻيو ويو انهي موقعي تي تحريڪ انصاف (ارباب گروپ) جي مرڪزي اڳواڻ ارباب انور ارباب رضوان ارباب ظفر الله لڄپت سوراڻي آزاد اميدوار محمد خان لنڊ ۽ ٻين لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ٿر جي سمورن يونين ڪائونسلن ۾ اسان جا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي آهي ۽ ڪامياب اميدوارن کي هارائي ٺپا هڻي ڊي آر او ٿرپارڪر پاران من پسند آر او ۽ پرزائيڊنگ آفيسرن هٿان هارايو ويو آهي جيڪا اليڪشن کي اسان قبول نه ٿا ڪيون اليڪشن جي ڏهاڙي تي اسان جي ايجنٽن کي گم ڪري اسان جي حامين مٿان وحشياڻو تشدد ڪرايو ويو هتي اليڪشن جي ڏهاڙي جنگ جو ميدان بڻايو ويو ٻاهر جي ڏوهارين کي گهرائي افرا تفري ڪئي وئي اعلي اختياريون نوٽيس وٺي فوج جي نگراني ۾ اليڪشن ڪرائڻ اسان ٿر ۾ کٽيو آهي پر اسان من پسند عملي هٿان هارايو ويو آهي اسان جو مطالبو آهي ته ٿر ۾ ٻيهر فوج ۽ رينجرس جي نگراني ۾ جوڊيشنري جا آر او ۽ ڊي آر او مقرر ڪري ري پول ڪيا وڃن اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺي ٻيهر فوج جي نگراني ۾ بلدياتي اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪري نه ته اڄ ڪلوئي ۾ ۽ ان کانپوء اسلام ڪوٽ کان پوءِ سڄي ضلعي جي سمورن شهرن بعد عيد کانپوءِ مٺي ۾ ڌرڻو هنيو ويندو ۽ دما دم مست قلندر ٿيندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو