آرمي چيف ۽ بل گيٽس جو فون تي رابطو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل قمر جاويدھ باجواھ ۽ مائيڪرو سافٽ جي باني گل گيٽس وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنھن ۾ پوليو مھم جي لاءِ پاڪستان جي عزم ۽ ڪورونا وبا تي ڳالھيون ٿيون، آءِ ايس پي آر موجب بل گيٽس پوليو جي خاتمي جي مھم ۽ تي ڇاڪ فوج جي سھڪار کي ساراھيو ۽ آرمي چيف دنيا مان پوليو جي خاتمي جي لاءِ بل گيٽس ۽ ان جي فائونڊيشن جي ڪاوشن جي تعريف ڪئي. آرمي چيف جو چوڻ ھو تھ پوليو جو خاتمو قومي مقصد ۽ قومي ڪوشش آھي، پاڪستان ۾ جڏھن ڪو ھڪ بھ ٻار پوليو سان متاثر نھ ٿيندو تھ ھن کي ڪاميابي چونداسين. ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ پوليو جي خاتمي جي لاءِ پوليو ٽيمون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميت سڀني جي ڪوششون ساراھھ جوڳيون آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو