آرمي چيف پاران 25 مئي تي شهيدن جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان

آرمي چيف پاران 25 مئي تي شهيدن جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير 25 مئي تي يوم شهيد پاڪستان ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب جنرل هيڊڪوارٽر راولپنڊي ۾ شهيدن ۽ ويڙهاڪن جي اعزاز ۾ تقريب ڪوٺائي وئي.تقريب ۾ آرمي چيف آپريشن دوران شاندار خدمتن تي آفيسرن ۽ جوانن کي اعزاز سان نوازيو.آءِ ايس پي آر موجب 51 آفيسرن کي ستاره امتياز (ملٽري)، 22 آفيسرن ۽ جوانن کي بسالت ميڊل، جڏهن ته ٻن جوانن کي گڏيل قومن جي خصوصي ميڊلن سان نوازيو ويو.تقريب ۾ پاڪ فوج جي اعليٰ آفيسرن ۽ شهيدن جي خاندانن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف چيو ته شهيدن جي فرض ۽ عظيم قربانين سبب اسان آزاد فضا ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون.آرمي چيف چيو ته شهيدن جون قربانيون ۽ غازين جون خدمتون اسان جو قيمتي اثاثو ۽ فخر جو سرمايو آهن.هن چيو ته پاڪ فوج هڪ اداري جي حيثيت سان پنهنجي هر ميمبر ۽ انهن جي خاندانن کي هميشه ياد رکندي آهي، هڪ خاندان جي حيثيت سان اسان جو رشتو فخر ۽ مثالي آهي.آءِ ايس پي آر موجب ان موقعي تي آرمي چيف 25 مئي تي پاڪستان شهيدن جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو