راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا پنهنجي عهدي جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ رٽائر ٿيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.اهڙن خيالن جو اظهار آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ عشايئي کي خطاب ڪندي ڪيو.هنن چيو ته هٿياربند فوج پاڻ کي سياست کان پري ڪري ڇڏيو آهي ۽ پري رهڻ چاهين ٿا، ملڪ جي زبون حال معيشت کي بحال ڪرڻ سماج جي هر طبقي جي ترجيح هجڻ گهرجي.آرمي چيف اهو به چيو ته مضبوط معيشت کانسواءِ قوم پنهنجا مقصد حاصل نه ڪري سگهندي، مضبوط معيشت کانسواءِ سفارتڪاري نٿي ٿي سگهي.پاڪستاني سفارتخاني جي ماني ۾ سفارتڪارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.










