راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته مسيحي برادري قوم جي لاءِ فخر ۽ طاقت جو سبب بڻيل آهي، ڪرسمس همدردي، سخاوت ۽ خير سگالي جو اظهار آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير سينٽ جوزف ڪيٿولڪ ڪيٿيڊرل چرچ ۾ ڪرسمس تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ مسيحي برادري سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي سڄي ملڪ ۾ رهندڙ مسيحي برادري کي ڪرسمس جي دلي مبارڪباد ڏني جڏهن ته مسيحي برادري چرچ پهچڻ تي آرمي چيف جو پرجوش استقبال ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ملڪي ثقافتي، سماجي، اقتصادي ۽ قومي ترقي ۾ اقليتن خاص طور تي مسيحي برادري جي ڀائيواري جو اعتراف ڪندي چيو ته مسيحي برادري قوم جي لاءِ فخر ۽ طاقت جو سبب بڻيل آهي. ڪرسمس همدردي، سخاوت ۽ خير سگالي جو اظهار آهي.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف قائداعظم محمد علي جناح کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. آرمي چيف چيو ته قائداعظم جي آزادي، مساوات، مذهبي روادري جا نظريات چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ قوم جي رهنمائي ڪن ٿا. قائداعظم جي سوچ علاقائي سالميت جي تحفظ کان وٺي اندروني استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ حوصله افزائي ڪري ٿي.آرمي چيف چيو ته قائداعظم وڏي سوچ سان پاڪستان جي تعمير لاءِ رستو هموار ڪيو. ايمان، اتحاد ۽ نظم ضبط جي اصولن تي ثابت قدمي سان گڏ قوم جي تعمير جو خاڪو به فراهم ڪيو. اسان پاڪستان کي قائد جي سوچ تي پرامن، خوشحال ملڪ ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل ارادن جو اظهار ڪريون ٿا ۽ سمورا شهري انهي جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪن.










