راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ لاءِ سوات پهچي ويو آهي.پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد پنهنجي دوري دوران ڪمراٽ ۽ ڪالام ۾ امدادي سرگرمين ۽ رليف آپريشن جو جائزو وٺندو.آءِ ايس پي آر موجب 27 هيليڪاپٽر ذريعي ٻوڏ سبب ڦاٿل 316 ماڻهن کي ڪڍيو آهي.هڪ ڏينهن دوران 23 ٽن کان وڌيڪ راشن ۽ امداد شيون متاثرن ۾ ورهايون ويون آهن.پاڪ فوج طرفان لڳايل ميڊيڪل ڪئمپن ۾ 33025 مريضن کي طبي سهولتون ڏنيون ويون آهن. آءِ ايس پي آر موجب ترڪي مان 7 فوجي جهاز امدادي سامان کڻي ڪراچي پهچي ويا آهن، جڏهن ته متحده عرب امارات مان 3 فوجي جهاز نور خان ايئر بيس راولپنڊي چڪا آهن.










