آرمي چيف سان ناروي جي سفير جي ملاقات، سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون

آرمي چيف سان ناروي جي سفير جي ملاقات، سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ناروي سفير جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آئي ايس پي آر مطابق ناروي جي سفير جنرل هيڊ ڪوارٽرز راولپندي ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ڪئي آئي ايس پي آر مطابق ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي، علائقائي سيڪيورٽِ صورتحال تي ڳالهه ٻولهه سميت ٻنهي طرفان هر شعبي ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. آئي ايس پي آر مطابق ناروي جي سفير بدترين ٻوڏ جي تباهه ڪارين تي ڏک جو اظهار ڪيو ناروي جي سفير علائقائي استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. ناروي جي سفير سفارتي تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

پهنجو تبصرو موڪليو