آرمي چيف جي هدايت تي پاڪ فوج جا دستا ترڪي روانا

آرمي چيف جي هدايت تي پاڪ فوج جا دستا ترڪي روانا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جي هدايتن تي پاڪ فوج جا جا دستا ترڪي روانا ڪيا ويا آهن.آءِ ايس پي آر موجب امدادي ٽيمون 6 فيبروري جي رات پاڪ فضائيه جي خاص جهاز ذريعي روانو ٿي ويون.پاڪ فوج جا ڊاڪٽر، نرسنگ اسٽاف ۽ ٽيڪنيشن ترڪي روانو ٿي ويا، پاڪ فوج جي ميڊيڪل ٽيم 30 بسترن تي ٻڌل موبائل اسپتال قائم ڪندي.پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ جو چوڻ آهي ته فوجي جوان پاڪستاني سفارتخاني سان ويجهن رابطي ۾ ڪم ڪندا رهندا ۽ امدادي ڪم مڪمل ٿيڻ تائين فوج اتي موجود رهندي.آءِ ايس پي آر جو اهو به چوڻ آهي ته امدادي سامان ۾ خيما، ڪمبل ۽ ٻيو امدادي سامان به موڪليو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو