آرمي چيف جي مقرري ۾ صدر رڪاوٽ بڻيو ته نتيجو ڀوڳيندو، بلاول

آرمي چيف جي مقرري ۾ صدر رڪاوٽ بڻيو ته نتيجو ڀوڳيندو، بلاول

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ايندڙ آرمي چيف جي مقرري ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. زرداري هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته صدر لاءِ اهو ”آخري موقعو“ آهي ۽ جيڪڏهن ڪا گڙ ٻڙ ڪيائين ته کيس ”نتيجو“ ڀوڳڻو پوندو. هن چيو ته صدر عارف علوي جو امتحان آهي ته هو پاڪستان، ان جي آئين، ان جي قوم ۽ جمهوريت سان وفادار رهندو يا عمران خان سان دوستي کي پورو ڪندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عدم اعتماد جي ووٽ جي موقعي تي صدر عارف علوي غير آئيني طور اسيمبليون ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، اميد آهي ته هن ڀيري سڀ ڪجهه آئين ۽ قانون موجب ٿيندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ساڳئي هفتي ۾ پنهنجي لانگ مارچ جو اعلان ڪيو هو ته جيئن آرمي چيف جي مقرري واري عمل کي سبوتاز ڪري سگهجي. هن سوال ڪيو ته عمران پنهنجي لانگ مارچ لاءِ ”اهو ئي هفتو ڇو چونڊيو جڏهن نئين چيف آف آرمي اسٽاف جي نامزدگي لاءِ مناسب فائلون مناسب وزارتن ڏانهن منتقل ڪيون وڃن“. پ پ اڳواڻ وڌيڪ سوال ڪيو ته پي ٽي آءِ سربراهه جي راولپنڊي ۾ جلسي ڪرڻ جي پٺيان ڪهڙو مقصد آهي؟ هن چيو ته منهنجي عمران خان صاحب کي اپيل آهي ته هو سياست ڪندو رهي، سياست جي حدن ۾ رهي، هو جڏهن کان هن راند جو حصو بڻيو ته اهو هڪ خطرناڪ رستي تي پيو هلي. هو ڪو مناسب اعلان ڪري ان معاملي کان پاسو ڪري سگهي ٿو. هن وڌيڪ الزام هنيو ته عمران جي مارچ جو مقصد ”مارشل لا يا فوري چونڊون“ آهي اهڙي ڪوشش هن عدم اعتماد وقت به ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو