آرمي چيف کي شٽل ڪاڪ نه ٺاهيو، قانوني تقاضا پوري ڪريو،چيف جسٽس

آرمي چيف کي شٽل ڪاڪ نه ٺاهيو، قانوني تقاضا پوري ڪريو،چيف جسٽس

اسلام آباد (اياز مهر) سپريم ڪورٽ آرمي چيف جي مدت ۾ واڌ بابت ڪيس جي ٻڌڻي خميس تائين ملتوي ڪندي چيو آهي ته هاڻي به وقت آهي ته حڪومت هڪ قدم پوئتي هٽائي معاملا ٺيڪ ڪري. اسسٽنٽ ڪمشنر جي تقرري به ايئن نهاي ٿيندي جيئن حڪومت آرمي چيف جي ڪري رهي آهي. آرمي چيف کي شٽل ڪاڪ نه ٺاهيو وزيراعظم موڪليل سمري ۾ ٻيهر ڀرتي جي سفارش ڪئي پر صدر سندس ملازمت ۾ واڌ جو نوٽفڪيشن جاري ڪيو. ڪير پڙهي ئي نٿو ته ٿئي ڇا پيو. ان کان اڳ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو آهي  ته آرمي ايڪٽ ۾ آرمي چيف جي ملازمت جي مدت ۾ واڌ يا ٻيهر تعيناتي جو ذڪر ناهي. ان باري ۾ قانون ۽ رولز خاموش آهن، ماضي ۾ پنج ڇهه جرنيل ڏهه ڏهه سال پاڻ کي توسيع ڏني ۽ ڪنهن کانئن پڇو ئي ڪو نه، هاڻي معاملو عدالت آڏو آيو آهي ته ان کي تفصيل سان ڏسنداسين. چيف جسٽس اٽارني جنرل انور منصور خان کان پڇو ته ڪالهه عدالت جيڪي معاملا اٿاريا ڇا انهن کي حڪومت تسليم ڪندي وفاقي ڪابينا پاران رولز ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته حڪومت غلطيون تسليم ناهن ڪيون. چيف جسٽس وضاحت ڪئي ته ميڊيا کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي هنن لکيو آهي ته عدالت از خود نوٽيس ورتو آهي پر اسين درخواست گذار رياض راهي جي درخواست تي ئي ٻڌڻي ڪري رهيا آهيون. چيف جسٽس چيو ته ڪابينا ڪالهه ڪهڙي ترميم ڪئي آهي اها ڏيکاريو. اتارني جنرل چيو ته مون ڪالهه به چيو هو ته وزيرن جي جواب جو انتظار هو ۽ هنن ڪو جواب نه ڏنو ته رولز موجب سندن جواب ها سمجهو ويندو آهي. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن مقرر مدت ۾ جواب نه ملي ته ها سمجهبو آهي پر هن معاملي ۾ اوهان مدت مقرر ناهي ڪئي ان ڪري وزيرن جو جواب هاڪاري تسليم نٿو ڪري سگهجي. اٽارني جنرل ڪابينا پاران ڪيل ترميم جا دستاويز عدالت ۾ پيش ڪيا جنهن تي جسٽس منصور پڇو ته ڇا ترميم بابت وزيرن کي غور لاءِ وقت ڏنو ويو هو، اٽارني جنرل چيو ها. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ڪابينا عدالت پاران نشاندهي ڪيل غلطيون ٺيڪ ڪيون آهن ته اوپن مينڊيٽ هيٺ معاملي کي ڇڏيون ٿا. اٽارني جنرل چيو ته اسين غلطيون تسليم ناهن ڪيون. عدالت چيو ته پوءِ ترميم ڇا جي ڪئي وئي آهي. اتارني جنرل چيو ته حڪومت از خود ترميم ڪئي آهي. هن اهو به چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته آرمي چيف جي مدت ملازمت ۾ واڌ بابت قانون يا رولز خاموش آهن ۽ ڪابينا جي اڪثريت ان جي حمايت ناهي ڪئي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڪالهه جيڪي دستاويز اوهان پيش ڪيا انهن ۾ 11 وزيرن ها ڪئي آهي اوهان وٽ ٻيو ڪو دستاويز آهي ته ڏيکاريو. جسٽس منصور علي شاه چيو ته آئين جي شق 243 ته آرمي چيف جي تقرري بابت آهي ڇا حاضر سروس جنرل آرمي چيف مقرر ٿيندو يا ريٽائر به ٿيندو آهي. اٽارني جنرل چيو ته حڪومت جو ترميمي دستاويز مونکي هاڻي مليو آهي. جسٽس مظهر عالم ميان خيل چيو ته اسان وٽ ته هاڻي به ڪونهي. چيف جسٽس چيو ته هي اهم معاملو آهي هيستائين ڪنهن اٿاريو ئي ناهي هاڻي معاملو اٿيو آهي ته سڀني کي غور سان ٻڌبو ڪا جلدي ناهي. هن وڌيڪ چيو ته ليفٽيننٽ جنرل جو مدو 4 سال آهي آرمي چيف جي مدت جو ذڪر ئي ناهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اوهان آرمي چيف جي مدت ۾ 3 سالن جي واڌ ڪئي آهي ڪو قانون ته ڏيکاريو ته 3 سالن جي مدت ڪٿي لکيل آهي؟ اٽارني جنرل چيو ته واقعي قانون م مدت طئي ناهي. چيف جسٽس اٽارني جنرل کي چيو ته آرمي ايڪٽ جو رول 262 پڙهو، اٽارني جنرل چيو ته ان ۾ ريٽائمينٽ جي مدت 60 سال آهي. هن چيو ته 1948 کان تقرريون ايئين ٿينديون رهيون آهن. جسٽس اشفاق پرويز ڪياني جي مدي ۾ واڌ به ايئين ٿي هئي. چيف جسٽس چيس ته جنرل ڪياني چئو جسٽس ڪياني نه. ان تي عدالت م ٽهڪڙو پئجي ويو. هڪ موقعي تي چيف جسٽس جي وچ ۾ اٽارني جنرل ڳالهايو ته چيف جسٽس کيس چيو ته اوهان جلدي ۾ ته ناهيو؟ اٽارني جنرل چيو نه مان رات تائين هتي آهيان. چيف جسٽس چيو ته ريٽائرمينٽ جي حد مقرر آهي جيڪڏهن جنگ هلندڙ هجي ته عارضي وقت لاءِ ريٽائرمينٽ معطل ڪري سگهجي ٿي. اٽارني جنرل چيو ته آرمي چيف جي ريٽائرمينٽ جي حد مقرر ناهي، جسٽس منصور چيو ته ڇا اوهان چئو پيا ته آرمي چيف ريٽائر نه ٿيندو، پوءِ اوهين مدت ۾ واڌ ڇو ٿا ڪريو؟.چيف جسٽس چيو ته انگريزن قانون هڪ اسڪيم هيٺ ٺاهيو هو ان کي ڏسڻو پوندو. اوهان جنهن قاعدي ۾ ترميم ڪئي آهي ان جو آرمي چيف جي مدت سان واسطو ئي ناهي اهو ته ريٽائر ٿيل آفيسر جي ٻيهر ڀرتي بابت آهي. هن مهل تائين ته اسين ڪيس سمجهون پيا ڏسون ٿا ته ڪيستائين ٿو بحث هلي. عدالت وڌيڪ ڪاروائي منجهند هڪ وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان کان اڳ ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته مستعفي ٿيل وزير قانون فروغ نسيم وڪالت نامون جمع ڪرايو. سپريم ڪورٽ ٻيهر ٻڌڻي شروع ڪئي ته ججن جي سوالن جي جواب ۾ هڪ موقعي ته اٽارني جنرل چيو ته ايڊهاڪ جج جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو آهي ته ڇا اهو سروس دوران مدت ملازمت پوري ٿيڻ کان اڳ جاري نه ٿيندو آهي. چيف جسٽس فروغ نسيم کي چيو ته اوهان جي لائسنس جو مسئلي جو ڇا ٿيو اهو ٺيڪ ايئن نه ٿئي ته سڄو ڏينهن ان ۾ لڳي وڃي. اوهان جي لائسنس جي چڪر ۾ نقصان فوج کي ٿئي. فروغ نسيم چيو ته منهنجو لائسنس بحال آهي. چيف جسٽس چيو ته فوج هڪ معتبر ادارو آهي ان جو ڪم ناهي ته هو اچي ڊرافٽ چيڪ ڪن. هن چيو ته حڪومت رڪارڊ ٺيڪ ڪري ٻه ڏينهن آهن آرمي چيف جي مدت مڪمل ٿيڻ ۾. اٽارني جنرل چيو ته آرمي چيف جيسين ڪمانڊ حوالي نٿو ڪري تيسين هو ريتائر نه سمجهو ويندو. هوڏانهن پاڪستان بار ڪائونسل جي نائب چيئرمين سيد امجد علي شاهه چيو آهي ته فروغ نسيم جو لائسنس معطل آهي ۽ جيڪڏهن هن عدالت تي دباءُ وجهن جي ڪوشش ڪئي ته اها قانون جي خلاف ورزي هوندي ۽ ان تي کيس سزا به ملي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو