آرمي چيف جي مدت، ڪميٽي مان بل منظور، مولانا پاران مخالفت

آرمي چيف جي مدت، ڪميٽي مان بل منظور، مولانا پاران مخالفت

اسلام آباد (اياز مهر) حڪومت ۽ اپوزيشن جي ميمبرن تي مشتمل دفاع واري خصوصي ڪميٽي آرمي چيف جي مدت ۾ 3 سال واڌ ڪرڻ ۽ رٽائرمينٽ جي عمر 64 سال ڪرڻ بابت آرمي ايڪٽ 1952، نيوي آرڊيننس 1961 ۽ ايئرفورس ايڪٽ 1953 ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جنهن بعد غير معمولي حالتن ۾ وزيراعظم جي سفارش تي صدر ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي عهدن تي تعينات آفيسرن کي 3 سال يا 64 سالن جي عمر تائين ملازمت م واڌ ڪري سگهبي. ٻئي پاسي مولانا فضل الرحمان چيو ته هي جعلي اسمبلي ۽ جعلي حڪومت آهي ان کي ايڏو اهم بل منظور ڪرڻ جو حق ناهي. هن چيو ته سندس جماعت ووٽنگ ۾ حصو نه وٺندي. هن شڪايت ڪئي ته مسلم ليگ (ن) اپوزيشن جي وڏي جماعت آهي ۽ قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر به انهن جو آهي انهن کي سموري اپوزيشن سان مشاورت ڪرڻ گهربي هئي. ان کان اڳ اسپيڪر آفيس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي ۾ آرمي چيف جي مدت بابت واسطيدار قانونن ۾ ترميم ڪرڻ بابت طريقه ڪار تي اتفاق ڪيو ويو ته پارليماني ڪميٽي کي باءِ پاس نه ڪيو ويندو. جنهن بعد ايوان ۾ معمول جي ايجنڊا معطل ڪري بل قومي اسمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيا. دفاع واري وزير پرويز خٽڪ آرمي، نيوي ۽ ايئرفورس ايڪٽ ۾ ترميم جا ڌار ڌار بل پيش ڪيا. جيڪي قومي اسمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر دفاع واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيا. قومي اسمبلي جي ان مختصر ڪاروائي بعد اجلاس ڇنڇر تي صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. قومي اسمبلي ۽ سينٽ جي گڏيل خصوصي ڪميٽي جواجلاس جمعي تي اڍائي وڳي ٿيو جنهن ۾ ترميمي بل منظورڪيا ويا. حڪومت ڇنڇر تي قومي اسمبلي ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪري بل جي منظوري وٺندي. ان بعد هي بل ايوان بالا سينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. ان کان اڳ خواجه آصف اسپيڪر کي چيو ته گرفتار ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن. جنهن تي اسپيڪر چيو ته هو جاري ڪندو. ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرادري چيو ته ڪميٽي کي باءِ پاس نه ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو