آرمي چيف جي آمريڪي بچاءَ واري وزير ۽ قومي سلامتي واري مشير سان ملاقات

آرمي چيف جي آمريڪي بچاءَ واري وزير ۽ قومي سلامتي واري مشير سان ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آمريڪا جي دوري دوران آمريڪي بچاءَ واري وزير لائيڊ آسٽن، آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار جيڪ سليوان ۽ نائب پرڏيهي وزير وينڊي شرمين سان ملاقاتون ڪيون.ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي خصوصي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.آرمي چيف امداد تي آمريڪي اختيارين جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ عالمي ڀائيوارن جي مدد انتهائي اهم هوندي.آءِ ايس پي آر موجب آمريڪي اڳواڻن سان ملاقات دوران آرمي چيف فلوريڊا ۾ طوفان سبب ٿيل تباهي تي افسوس جو اظهار ڪيو.هن چيو ته پاڪستان متاثرن جي خاندانن جي ڏک ۽ درد کي سمجهي ٿو ڇو ته پاڪستان به موسمياتي تبديلين جي ساڳئي اثرن جو شڪار آهي.پاڪ فوج جي ترجمان موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري ذريعي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات دوران افغانستان سميت اهم عالمي معاملن تي هم آهنگي پيدا ڪئي وئي ۽ انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي بهتر بڻائڻ لاءِ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو