راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير گوادر جو دورو ڪيو، جتي هن مقامي عمائدين سان ملاقات پڻ ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب گوادر جي دوري جي موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير ۽ ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور به موجود هئا، جنهن دوران آرمي چيف جنرل عاصم منير کي سڪيورٽي صورتحال، سي پيڪ جي سڪيورٽي ۽ آپريشنل تيارين تي بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف خطي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي زور ڏنو ۽ چيو ته هٿياربند فوج بلوچستان ۾ ترقي ۽ امن جي قيام لاءِ پرعزم آهي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف بلوچستان لاءِ تعليم، سولر سسٽم، فشريز، پاڻي، صحت ۽ راندين جي منصوبن جو اعلان ڪيو.










