آرمي چيف جا الوداعي دورا جاري، ميڊيڪل ڪور جو دورو

آرمي چيف جا الوداعي دورا جاري، ميڊيڪل ڪور جو دورو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي الوداعي دورو جو سلسلو جاري آهي، پاڪ فوج جي سپهه سالار آرمي ميڊيڪل ڪور جو دورو ڪيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آرمي ميڊيڪل ڪور جو دورو ڪيو، جنهن دوران آرمي جو سرجن جنرل ليفٽيننٽ جنرل نگار جوهر به ساڻس گڏ هئي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته آرمي چيف ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال سي ايم ايڇ راولپنڊي جو به دورو ڪيو، جتي ڪمانڊنٽ سي ايم ايڇ ميجر جنرل محمد محسن قريشي کيس جديد ترين طبي سهولتن بابت بريفنگ ڏني. آءِ ايس پي آر موجب جنرل باجوه کي بريفنگ ڏني وئي ته سار سنڀال جي رٿابندي عالمي طريقين موجب ڪئي وئي آهي ۽ مريضن جي سار سنڀال اسپتال انتظاميا جي ڌيان جو مرڪز آهي. ترجمان موجب بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سويلين ۽ غير مستحق مريضن جي سهولت لاءِ خاص ڪائونٽر قائم ڪيا ويا آهن، مريضن جي دوستاڻو ماحول فراهم ڪرڻ ۽ اٽينڊنٽ لاءِ لاڳاپيل سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي اڪيڊمڪ سينٽر ۾ لائيو سرجري جي عمل ذريعي ڊاڪٽرن کي تربيت فراهم ڪرڻ لاءِ نئون قائم ڪيل ڪنٽرول روم به ڏيکاريو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته آرمي چيف ميڊيڪل ڪور جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، جيڪي هٿياربند فوجن جي ميمبرن، سندن گهرڀاتين ۽ سويلين مريضن کي معياري علاج جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. آءِ ايس پي آر موجب ٻين سهولتن کانسواءِ شهيدن جي خاندانن ۽ ويٽرنز جو طبي سهولت مرڪز بنا رنڊڪ بنيادي صحت جون سهولتون فراهم ڪري ٿو، جنهن ۾ رت جا نمونا وٺڻ، دوائن ۽ شهيدن جي خاندانن توڙي 75 ورهني جي سينيئر اڳوڻن فوجين جو چيڪ اپ شامل آهن، اپ گريڊ ٿيل فارميسي روزانو 3 هزار مريضن کي سروسز ڏئي رهي آهي. ترجمان چيو ته آرمي چيف هٿياربند فوج جي پوسٽ گريجوئيٽ انسٽيٽويٽ جي نئين ٽريننگ بلاڪ جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو. جنر قمر جاويد باجوه نئين تعمير ٿيل فوجين جي گيسٽ رومز، آرمي هيلٿ سينٽر ۽ آرمڊ فورسز انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي جي اپ گريڊ ٿيل سهولتن جو به دورو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف اي ايم سي جي ڊاڪٽرن ۽ صحت سان واڳيل عملي جي ڊيوٽي ۽ يادگار ڪم تي سندن واکاڻ ڪئي. سندس چوڻ هو ته فوجين ۽ سندس خاندانن لاءِ معياري صحت جون سهولتون فوج جي فلاحي نظام جي بنيادي خاصيت آهي ۽ فوجين جي مورال لاءِ اهم آهي. ايم ايڇ پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر راولپنڊي ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا آرمي چيف جي آجيان ڪئي…….

پهنجو تبصرو موڪليو