راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا لائين آف ڪنٽرول (ايل او سي) جو دورو ڪيو ۽ پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا نوسيري سيڪٽر ۾ فرنٽ لائينز جو دورو ڪيو ۽ اتي مقرر جوانن سان ملاقات ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف لائين آف ڪنٽرول تي مقرر آفيسرن ۽ جوانن جي آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي موجب آرمي چيف کي لائين آف ڪنٽرول جي موجوده صورتحال ۽ آپريشنل تيارين تي به بريفنگ ڏني وئي.










