راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ترڪ پرڏيهي وزير هاڪان فدان جي ملاقات ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ۽ ترڪ پرڏيهي وزير جي ملاقات دوران ٻطرفي دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،ترڪ پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ ترڪ پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار به ڪيو










