اسلام آباد(بيورو)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آمريڪا کي درخواست ڪئي ته پاڪستان لاءِ قرض جي رقم جلد جاري ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف تي دٻاءُ وڌو وڃي.ذريعن موجب آرمي چيف جي آمريڪي نائب پرڏيهي وزير وينڊي شرمين سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ هن چيو ته وائيٽ هائوس ۽ خزاني واري کاتي کي پاڪستان کي فوري طور تي 1.2 ارب ڊالر فراهم ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف تي دٻاءُ وڌو وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڳالهه ٻولهه ۾ وائيٽ هائوس کي اپيل ڪئي وئي ته آءِ ايم ايف کان 1.2 ارب ڊالرن جي قرض جو عمل تيز ڪيو وڃي.










