راولپنڊي(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)پاڪ فوج جي ترجمان موجب آرمي ايوي ايشن جو هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو جنهن ۾ 2 ميجرز سميت چار فوجي جوان شهيد ٿي ويا.آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب هيليڪاپٽر گلگت بلتستان جي علائقي ماني مرگ ۾ فني خرابي سبب حادثي جو شڪار ٿيو.آءِ ايس پي آر موجب ، هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ پائلٽ ميجر محمد حسين سميت چار جوان شهيد ٿي ويا.حادثي ۾ ڪوپائلٽ نوابشاهه واسي ميجر اياز حسين ڪورائي، نائيڪ انضمام عالم ۽ سپاهي محمد فاروق پڻ شهيد ٿيا.آءِ ايس پي آر موجب ، هيلي ڪاپٽر شهيد سپاهي عبدالقادر جو لاش سي ايم ايڇ اسڪردو ڏانهن کڻي وڃي رهيو هو. سپاهي قدير ڪمري سيڪٽر وٽ برفاني ڇپ ڪرڻ سان شهيد ٿي ويو هو.










