اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير دفاع خواجه محمد آصف چيو آهي ته آرمي تنصيبات تي حملو ڪندڙن کي سزا ڏيڻ دفاعي فورسز جو حق آهي شهيدن جي يادگارن جي توهين ڪوئي برداشت نٿو ڪري سگهي ميانوالي ۾ 85 جهاز بيٺا آهن جن کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي 9 مئي واقعن جا تمام شاهد موجود آهن ملوث ماڻهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي هن چيو ته نوازشريف، يوسف رضا گيلاني وٽ اپيل جو ڪوئي رستو نه آهي، 9 مئي تي ملزمن وٽ 3 اپيلن جو حق آهي هن چيو ته وائيٽ هائوس ڪيپٽل هل تي حملو ڪندڙن کي 18-18 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي هن چيو ته آمريڪا، يورپ وارن کي غزه جي اندر انساني حقوق جي خلاف ورزي نظر اچن 5 آفيسر ماڻهن کي مارڻ کي مارڻ جو پروپيگنڊا ڪيو ويو. خواجه آصف چيو آهي ته اسان جو نظام وڏي حد تائين ڪمپرومائنٽس ٿي چڪو اهي پارليامينٽ جي اختيار تي تجاوز ڪيو ويو آهي ته هو سڀني جي سامهون آهن انهن چيو ته سوموٽو قانون جي ڪا اپيل نه آهي ان جي قانون سازي عدليه جي هولڊ تي رکي ڇڏي هنن چيو ته پاڪستان 9 مئي تي ماڻهن جي خلاف پنهنجي صالميت جي جنگ وڙهي رهيو آهي هڪ جماعت هن ملڪ جي يڪجهتي جي خلاف ڪم ڪري رهي آهي، ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر پروپيگنڊا جي ڀرمار آهي.










