آرمي ايڪٽ ۾ ترميم، اپوزيشن پاران رولز معطل ڪرڻ جي مخالفت

اسلام آباد (اياز مهر) وفاقي حڪومت آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جو مسودو اڄ قومي اسمبلي ۾ پيش ڪرڻ لاءِ تياري ڪري ورتي آهي پر قومي اسمبلي جي ايجنڊا ۾ بل شامل ناهي. بل بابت بلاول کانپوءِ ميان نواز شريف به قانون سازي لاءِ رولز معطل ڪرڻ تي اعتراض ڪري ڇڏيو. اپوزيشن جي ٻنهي وڏين جماعتن جي اڳواڻن بل جي حمايت ته ڪئي آهي پر سندن چوڻ آهي ته قانون سازي ۾ جلدبازي نه ڪريو جيڪو رولز ۾ طريقه ڪار ڏنل آهي ان تي عمل ڪيو وڃي ۽ پارليامينٽ جي توقير تي حرف نه اچڻ گهرجي. ميان نواز شريف خواجه آصف کي فون تي هدايتون ڏنيون ته پارليماني پارٽي جو اجلاس گهرائي سڀني ميمبرن کي آگاهه ڪيو وڃي ۽ اهو تاثر نه وڃڻ گهرجي ته پارليامينٽ رٻڙ اسٽيمپ آهي. خميس تي پرويز خٽڪ جي سربراهي ۾ حڪومتي ٽيم مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت سان ڌار ڌار ملاقات ڪري کين اعتماد ۾ ورتو هو. مسلم ليگ (ن) غير مشروط طور بل جي حمايت ڪئي هئي. جڏهن ته بلاول ڀٽو چيو هو ته جيترو بل اهم آهي اوتري جمهوريت آهي ان ڪري رولز معطل ڪري قانون سازي نه ڪرڻ گهرجي. جنهن بعد نواز شريف جو به ان سان ملندڙ بيان سامهون آيو آهي. علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ بعد ميان نواز شريف جو اهو پهريون بيان آهي، جيڪو جاري ڪرڻ کان اڳ هن شهباز شريف کي طلب ڪري ساڻس مشاورت به ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو