راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)اوٿل کان ڪراچي ويندڙ آرمي ايوي ايشن جو هيلي ڪاپٽر گم ٿي ويو. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب ڪور ڪمانڊر 12 ڪور ڪمانڊر به هيلي ڪاپٽر ۾ سوار آهن.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته هيلي ڪاپٽر ۾ ڪور ڪمانڊر 12 ڪور سميت 6 ڄڻا سوار هئا ۽ هيلي ڪاپٽر ذريعي ٻوڏ رليف آپريشن جو معائنو ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر موجب هيلي ڪاپٽر جو ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سان رابطو ختم ٿي ويو ۽ هيلي ڪاپٽر لسبيلا ۾ ٻوڏ رليف آپريشن ۾ مصروف هو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته هيلي ڪاپٽر جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.










