ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جَي اسپتالن وارو معاملو پراڻو آهي، خبر ناهي ته ڪنهن وزير اعظم کي غلط بريف ڪري معاملو تڪراري بڻايو، وزير اعظم عمران خان اڳ ئي چئي چڪو آهي ته اسان کان اسلام آباد جي پمز اسپتال نٿي سنڀالجي، سنڌ جون جناح، اين آءِ سي ايڇ ۽ اين آءِ سي وي ڊي ڪيئن سنڀالينداسين؟. اهڙو اظهار هن سي ايم هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ ترجمان مرتضيٰ وهاب به موجود هئا.

سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڪورونا صورتحال خراب آهي، ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻو پوندو، وفاقي حڪومت کي بين الصوبائي ٽرانسپورٽ، ٽرين ۽ جهاز بند ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ته وبا تيزيءَ سان ڦهلجي سگهي ٿي، هن چيو آهي ته گڊز ٽرانسپورٽ کي روڪڻ جو ناهي چيو، صرف پبلڪ ٽرانسپورٽ تي پابنديون لڳايون وڃن، جيڪڏهن صورتحال ڳڻتي جوڳي هوندي آهي ته وفاق کان پبلڪ ٽرانسپورٽ تي وڌيڪ پابنديون لڳائڻ جو چوندس، اڳ ۾ به وفاق کي چيو هو ته بين الصوبائي ٽرانسپورٽس بند ڪئي وڃي. هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ 664 آءِ سي يو بيڊز آهن ۽ 95 مريض آهن، ٽئين لهر انگلينڊ مان آئي جتان 20 کان 25 هزار ماڻهو آيا آهن جن تي نظر رکون پيا، انگلينڊ 50 سيڪڙو ويڪسينيشن ڪئي آهي ۽ اسان وٽ رڳو 0.4 سيڪڙو ٿي آهي. مراد علي شاهه چيو ته اسانجي معاشي حالت خراب آهي اسين مڪمل لاڪ ڊائون نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته حڪومت اسٽيٽ بينڪ کي آزاد ڪري ڇڏيو، هاڻي هو ڪنهن کي به جوابده نه آهي، اسٽيٽ بنيڪ کي ايترو طاقتور ڪري ڇڏيو جو هن مامري ۾ ڪير ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. وڏي وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي چوڻ تي بجلي 5 روپيا في يونٽ وڌائي پئي وڃي. پاڪستان ۾ جي ڊي پي جو 60 سيڪڙو کان مٿي قرض نٿو وٺي سگهجي ان جو قانون آهي پر اسانجو قرض 90 سيڪڙو آهي. هي اهي ماڻهو آهن جيڪي قرض نه وٺڻ جي ڳالهه ڪندا هئا، مهانگائي پي پي دور ۾ به هئي پر اسين ملازمن جي پگهار وڌائي. هنن هزارين ماڻهن کي بيروزگار ڪيو آهي. هڪ ڏينهن چون ٿا ته وزير خزانه ڀلو آهي ٻئي ڏينهن هن کي چارج شيٽ ڪري هٽائين ٿا. هن ٻڌايو ته صوبي ۾ 26 جاين تي احتجاج ٿيو 24 تي ختم ڪرايو آهي، بدقسمتي سان 5 فوتگيون ٿيون آهن 18 زخمي آهن جن مان 12 پوليس وارا آهن. هن چيو ته آدمشماري جي انگن اکرن سان اتفاق نه ڪيو هو هنن پنج سيڪڙو بلاڪن ۾ ٻيهر ڳڻپ تي اتفاق ڪيو بعد ۾ فري ويا، صوبن کي اعتماد ۾ وٺن کانسواءِ اڳ ۾ ڪابينا ڪميٽي ۽ بعد ۾ ڪابينا ۽ هاڻي سي سي آءِ ۾ اڪثريت راءِ سان فيصلو ڪيو ويو.



جيڪو سي سي آءِ جي اڳ م ڪيل فيصلن جي خلاف ورزي آهي. وڏي وزير پاران جمع ڪرايل احتجاجي نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته يونيسيف سان گڏجي ڪلسٽر سروي ۾ اها ڳالهه رڪارڊ ٿي ته سنڌ ۾ سراسري طور في گهر ۾ 7.2 ۽ بلوچستان ۾ 7.7 فرد رهن ٿا. ان حساب سان سنڌ جي آبادي 6 ڪروڙ 10 لک 41 هزار 938 هجڻ گهرجي جيڪا 2017 جي آدمشماري ۾ 4 ڪروڙ 78 لک54 هزار 510 ظاهر ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح بلوچستان جي آبادي جيڪا هڪ ڪروڙ 34 لک 44 هزار 153 هجڻ گرجي پر اها هڪ ڪروڙ 23 لک 35 هزار129 ڄاڻايل آهي.ٻنهي صوبن کي اين ايف سي موجب اربين روپيا گهٽ ملندا.

هن چيو ته يونيسيف جي سروي جي حساب سان سنڌ جي ڏيٺ ڪروڙ آبادي گهٽ ڄاڻايل آهي. ان حساب سان اين ايف سي ۾ حصو 29 سيڪڙو ٺهي ٿو پر هي 24 سيڪڙو ڏين ٿا. بلوچستان کي وڏو ڌڪ لڳو آهي. آدمشماري بابت پهريون فيصلو آهي جيڪو سي سي آءِ ۾ بنا اتفاق راءِ ڪيو ويو آهي. سنڌ ان بابت پارليمان ۾ ريفرنس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ اسانجي ذميواري آهي، سڀاڻي اجلاس گهرايو آهي، شيخ رشيد معافي ورتي آهي ان تي وڌيڪ نه ڳالهائبو. هن چيو ته وزيراعظم جو احترام ڪريان ٿو سندس ڪراچي جي دوري جي خبر ناهي.










