ڪشمور (جي ايم کوسو) آبپاشي کاتي سنڌ پاران ارسا کي ٽيھر ارسا کي IRSA\C.E (O)/30.A 8598_8608 خط لکي پاڻي کوٽ 15 سيڪڙو رکڻ جي تجويز ڏني وئي آھي جڏھن ته پاڻي سسٽم ۾ گھڻو ھجڻ جي ڪري ارسا سنڌ کي فل اختيار ڏنوويو آھي ته اوھان پنھنجو حصو پورو حصو کڻي سگھو ٿا. ھن سال پاڻي گھرج کان وڌيڪ آھي جڏھن ته سنڌ جي ريگوليشن جي ڊائريڪٽر محمد اسماعيل دائودپوٽو پڻ خط لکي چيو آهي ته آڳاٽي خريف ۾ ڪابه کوٽ نه رھندي. ھن سال 13جنوري 2020 ۾ ڊيمن ۾ رڪارڊ ذخيرو 57 لک ايڪڙ فوٽ جو پاڻي موجود آھي.

تربيلاڊيم ۾ 25 لک 80 ھزار ايڪڙ فوٽ جو پاڻي موجود آھي۔ اڄ تربيلا ڊيم ليول 1481 فوٽ ريڪارڊ ڪيو ويو جڏھن ته ليول 1482 فوٽ ٿيندي ته تربيلا ڊيم مان اوترو پاڻي ڪڍيو ويندو جيترو دريا سنڌ مان تربيلا ۾ ايندو مطلب ته مٿانھون وھڪرو ۽ ھيٺانھون وھڪرو ھڪ جيترو رکيو ويندو ڇاڪاڻ ته تربيلا ڊيم ٽنل 4 يعني(T4) تي پاور ھائوس جو ڪم ھلي پيو جيڪڏھن ليول 1482 فوٽ کان مٿي رکيو ويندو ته پاڻي T4 سسٽم ۾ وڃي ڪم ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري سگھي ٿو ان ڪري تربيلا ليول 1482 فوٽ تائين برقرار رکيو ويندو. جھلم چناب زون تي پنجاب پنھنجي سالانه بندي برساتن جي ڪري ڪجھ ڏينھن لاءِ وڌائي ڇڏي آهي ان ڪري منگلا ڊيم مان پاڻي ڇڏڻ بند ڪيو ويو آهي.










