قبوسعيدخان (خادم حسين جاگيراڻي ) ڳڙهي خيرو تعلقي ۾ نقلي زرعي دوائن جي وڪري خلاف آبادگارن جي مسلسل احتجاج جون خبرون ميڊيا ۾ ڇپجڻ بعد زراعت جي صوبائي وزير محمد اسماعيل راھو پڻ نوٽيس وٺندي ايگريڪلچر عملدارن کي سخت ڪارروائي جي ھدايت ڪئي آھي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر جيڪب آباد منير احمد جماڻي ٻڌايو ته اسان کي صوبائي وزير کان نقلي زرعي دوائن جي وڪري بابت ھدايتون مليون آهن. ھن چيو ته آبادگارن جون پڻ شڪايتون مليون آهن اسان ڪنھن کي به نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. ھن چيو ته سنڌ فرٽيلائيزر ڪنٽرول ايڪٽ ۽ سنڌ پيسٽي سائيڊ آرڊيننس تحت ڪو به شخص ايگريڪلچر کاتي جي اجازت کانسواءِ زرعي دوائون وڪرو نٿو ڪري سگھي. اسان جلد ڪارروائي ڪري آبادگارن ۽ ھارين کي نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪنداسين. ٻئي پاسي ڳڙهي خيرو ۾ ايگريڪلچر آفيسر ٻانھو خان لاشاري ٻڌايو ته اسان کي آفيسرن کان ھدايتون مليون آهن ته شھر ۾ نقلي زرعي دوائن جي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻھن جي نشاندهي ڪئي وڃي ان سلسلي ۾ اسان مختلف ڊيلرن کي ھدايتون ڏنيون آهن ھو صرف رجسٽرڊ ڪمپنين جون دوائون وڪرو ڪن ٻي صورت ۾ انھن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.










