ٽنڊومحمدخان (ن سنڌيار)ٽنڊي محمد خان ۾ ڦليلي ڪينال مان نڪرندڙ پاندهي واهه جي آبادگارن زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آڏو مامڙ پٽگائي ، رازق ، شاندار ، ڪالا ڪولهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعريبازي ڪندي چيو ته آبپاشي کاتي پاران برساتن جي آڙ ۾ اسان جي زرعي زمينن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب اسان جون سوين ايڪڙ زمينون سارين جي پوک کان محروم آهن، جڏهن ته اسان جو ڪمند جو فصل به سڪي رهيو آهي،هنن چيو ته اسان کي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن پاندهي واهه ۾ پاڻي جو ليول کي فوري طور تي نه وڌايو ويو ته اسان کي لکين روپين جو نقصان ٿيندو هنن چيو ته هڪ ته اڳ هي اسان کي برسات سبب نقصان رسيو آهي هاڻي واري آبپاشي کاتي وارا پاڻي بند ڪري پاندهي واهه جي آبادگارن کي هٿن سان تباهه ڪري رهيا آهن هنن چيو ته اسان برسات سبب سخت پريشانين کي منهن ڏيئي رهيا آهيون گهر ۾ موجود اسان جو اناج به خراب ٿي ويو آهي . هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي ۽ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ٻئي صورت ۾ پاندهي واهه جا آبادگار ۽ هاري سخت احتجاج ڪندا










