نئون ڪوٽ (رپورٽ پيارعلي نھڙيو ) آبادگارن سان ٿيندڙ ناانصافيون بند ڪريو ٽماٽر ۽ بصر ٻاهران گهرائڻ بند ڪريو آبادگارن جو حڪومت کان مطالبو ،ان سلسلي ۾ آبادگار ايسوسي ايشن اڳواڻ سڪندر علي چانڊيو لطيف چانڊيو نثار احمد سومرو فتح محمد جسڪاڻي ديدار حسين جسڪاڻي جي اڳواڻي م آبادگارن پريس ڪلب نئون ڪوٽ اڳيان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن چيو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب اسان جا مرچ ڦٽي ۽ ٻيا فصل سڙي ختم ٿي ويا اسان کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو اسان جون زمينون پاڻي هيٺ اچي ويون ڪڻڪ لوسڻ ته پوکي نه سگهيا آهيون پر برسات جو پاڻي ختم ٿيڻ بعد ٽماٽر بصر جا فصل پوکيا آهن جيڪي هن وقت تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿي ويو آهي ته حڪومت ٻاهرين ملڪن مان ٽماٽر ۽ بصر گهرائي اسان سان ناانصافي ڪري رهي آهي جيڪا سنڌ جي معيشت کي هٿ وٺي تباھ ڪرڻ جي سازش آهي اسان اهڙين سازشين کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين جڏهن به اسان جا فصل تيار ٿيندا آهن ته حڪومت زراعت جون شيون ٻاهران گهرائيندي آهي هنن چيو ته پوري سنڌ ۾ ٽماٽر ۽بصر وافر مقدار ۾ موجود آهي پوءِ حڪومت کي ڪهڙي ضرورت جو ٻاهران ٽماٽر ۽بصر گهرائي هتان جي آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿئي اسان وفاقي توڙي سنڌ حڪومت کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته بصر ۽ ٽماٽر ٻاهران گهرائڻ بند ڪري آبادگارن کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي ٻئي صورت ۾ پوري سنڌ جا آبادگار روڊن تي نڪري احتجاجي تحريڪ شروع ڪندا










