شهيد بينظير آباد (ن سنڌيار) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو شهيد بينظير آباد جو دورو ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد عرفان علي بلوچ، ايس ايس پي امير سعود مگسي آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو استقبال ڪيو.آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي ايس ايس پي آفيس نواب شاهه پهچڻ تي پوليس جي چاڪ و چوبند دستن کيس سلامي ڏني.دوري دوران آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ايس ايس پي آفيس ۾ قائم ڪانفرنس هال ۾ رينج سطح جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد رينج عرفان علي بلوچ، ايس ايس پي شهيد بينظير آباد امير سعود مگسي، ايس ايس پي سانگهڙ ڊاڪٽر فرخ لنجار شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ پوليس پاران کنيل قدمن سميت ٻين اهم معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.ڊي آئي جي شهيدبينظيرآباد عرفان علي بلوچ آءِ جي سنڌ کي شهيد بينظيرآباد ۾ برساتن کانپوءِ پيش آيل واقعن، پوليس جي ريسڪيو آپريشن ۽ موجوده صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ شهيد بينظير آباد پوليس پاران تازين برساتن دوران ڪيل انتظامن کي ساراهيو.آئي جي سنڌ کي بي آءِ ايس پي سينٽرز جي سيڪيورٽي قدمن بابت به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. آئي جي سنڌ ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد عرفان علي بلوچ پڻ سيف سٽي پروجيڪٽ جو دورو ڪيو ۽ ان بابت بريفنگ ڏني، اتي لڳل نئين پوليس چوڪين جو معائنو ڪيو ۽ اتي بيهي ٽريفڪ جو جائزو ورتو ۽ ڊي آئي جي شهيد بينظيرآباد عرفان علي بلوچ ۽ ايس ايس پي امير سعود مگسي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. آئي جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ ضروري هدايتون جاري ڪندي ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد عرفان علي بلوچ کي ٽاسڪ ڏنو ته ٻوڏ متاثرہ اڪري چودگي ضلعي خيرپور ميرس ۾ مهراڻ هاءِ وي کي کوليو، جيڪو رات دير تائين ڪم ڪرڻ بعد ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو.










