آئي بي اي ٽيسٽ ۾ 39 مارڪون کڻندڙ شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو

آئي بي اي ٽيسٽ ۾ 39 مارڪون کڻندڙ شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو

دادو(ن س)آئي بي اي ٽيسٽ ۾ 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آئي بي اي ٽيسٽ پاس شاگردن عبدالقادر پنهور، عارف پنهور، نعمان لنڊ، نعيم ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو سڌ حڪومت هارڊ ايريا ڄاڻائي 33 مارڪن وارن کي استاد ڀرٿي ڪيو، هن وقت سڄي سنڌ هارڊ ايريا آهي هڪ سنڌ ٻه پاليسيون ڇا لاءِ؟ هزارين استادن جي اڃا تائين کوٽ آهي ته پوءِ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس وارن کي نوڪريون ڏنيون وڃن مظاهرين وزير اعليٰ سنڌ، صوبائي وزير تعليم ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته 33 مارڪن کان 39 مارڪن وارن کي نوڪريون ڏنيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو