آئي بي اي ٽيسٽ ۾ 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ شاگردن جو احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو

آئي بي اي ٽيسٽ ۾ 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ شاگردن جو احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو

دادو(ن سنڌيار) آئي بي اي ٽيسٽ ۾ 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ شاگردن جو احتجاجي مظاهرو، سخت نعره ھڻي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو ان موقعي تي آئي بي اي ٽيسٽ پاس شاگردن مزمل سڪندر، عبدالغفار پنھور، ساجد ، نعمان، عدنان ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو ۽ ميڊيا سامهون دانھيو ته سنڌ حڪومت هارڊ ايريا ڄاڻائي 33 مارڪن وارن کي استاد ڀرٿي ڪيو، هن وقت سڄي سنڌ هارڊ ايريا آهي هڪ سنڌ ٻه پاليسيون ڇا لاءِآهن هزارين استادن جي اڃا تائين کوٽ آهي ته پوءِ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس وارن کي نوڪريون ڏنيون وڃن مظاهرين وزير اعليٰ سنڌ، صوبائي وزير تعليم ۽ وس وارن کان مطالبو ٿا ڪيون ته 33 مارڪن کان 39 مارڪن وارن کي نوڪريون ڏنيون وڃن نه ته احتجاجي تحريڪ وسيع ڪري حڪمرانن جو گھيراء ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو