غوثپور(ن سنڌيار) غوثپور ۾ آءِ بي بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن شھر جي مئن شاھي بازار کان ريلي ڪڍي۔ جيڪا مئن پريس ڪلب اڳيان اچي ختم ٿي۔ ريلي جو مظاھرو ڪندڙن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ڊي ئي او تعليم سيڪنڊري ۽ پرائمري ڪشمور خلاف سخت نعريبازي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو. ريلي جي اڳواڻي ڪندڙن سرفراز شاھ، نادر شاھ، ڪليم الله ڀيو ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته ڊي ئي او سيڪنڊري، پرائمري تعليم ۽ ڪلارڪن ملي ڀڳت سان 2013کان 2021 تائين سوين خالي جاين تي غير قانوني استاد ڀرتي ڪري ڇڏيا آهن۔ اسان سڀني آء بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ 40+مارڪس کڻڻ وارن جو ھڪ ئي مطالبو آهي ته ضلعي ڪشمور ۾ من پسند ماڻهن غير قانوني طور عملو ڀرتي ڪيو آھي۔ جڏهن ته اسان آء بي اي ٽيسٽ ۾ 40+مارڪس کنيون آهن اسان جا حق ماري رشوت عيوض خالي پيل جاين تي ٻاھريان ماڻهو ڀرتي ڪري اسانجي حق تلفي ڪي ويئي آھي جنھن جا اسان وٽ ثبوت آهن ۔ ضلعي ڪشمور جي ھر تعلقي ۾ ڪيتريون ئي جايون خالي پيل آهن پر تعليم کاتي وارا لڪايون ويٺا آهن جڏهن ته وزير تعليم سردار شاھ ۽ سيڪريٽري تعليم سختي سان ھر ضلعي جي آفيسرن کي پابندي جا نوٽيس به جاري ڪيا آهن پر ڊي ئي او تعليم ڪشمور اھڙا حڪم ھوا ۾اڏائي ڇڏيا آهن. ھنن وڌيڪ چيو ته وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه وزير تعليم سردار شاهه ۽ سيڪريٽري تعليم ان معاملي جو سختي سان نوٽيس وٺي اسان کي پنھنجا حق ڏنا وڃن نه ته ٻئي صورت ۾ ڪورٽ سڳوري جو دروازو کڙڪايو ويندو .










