دادو(ن سنڌيار) دادو ۾ آئي بي اي پاس PST ۽ JEST اميدوارن پاران تعلقي وائيز پاليسي خلاف پريس ڪلب دادو آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي مظاهرين غياث الدين شاھاڻي، فرحان رانجھاڻي، آصف آلکاڻي، ساجد کوسو ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو تہ سنڌ حڪومت پاران پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي يوسي وائيز ٽيچرس جون ڀرٿيون اشتھار مطابق ۽ سندن ڪابينا فيصلن مطابق ڪرڻيون ھيون مگر وقت جي حڪومت پنھنجي من پسند ضلعن ۾ يوسي وائيز پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جون ڀرٿيون ڪري ھاڻي پاليسي ۾ تبديلي ڪري رھي آھي حڪومت پاران ازالو نہ ڪيو ويو آھي تہ پريس ڪلب ڪراچي آڏو مظاھرو ڪنداسين ۽ عدالت سڳوري جو دروازو کڙڪايو ويندو.










