آئين ڪمزور ماڻهن جي حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو

آئين ڪمزور ماڻهن جي حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ)چيف جسٽس پاڪستان، جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته آئين نه رڳو بنيادي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو، پر آزاديَن جي حفاظت به ڪري ٿو۔يو مِ آزاديِ پاڪستان جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته اسان پنهنجي پيارِي وطن جو 78هون يومِ آزادي ملهائي رهيا آهيون، آئون سڄي قانوني برادري ۽ پاڪستان جي عوام کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو۔ هي ڏينهن اسان جي ابن ڏاڏن جي ويزن، قربانين ۽ اَٽل عزم جي هڪ پختي ياد ڏياريندڙ آهي۔ هن چيو ته اسان جو آئين، اسان جي ماڻهن جي امنگن جو مجسمو آهي۔ آئين بنيادي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو، آزاديَن جي حفاظت ڪري ٿو ۽ اهو يقيني بڻائي ٿو ته انصاف اسان جي سماج جي بنياد طور قائم رهي۔ جسٽس يحيٰ آفريدي جو چوڻ هو ته اسان کي ڪمزور ماڻهن جي حقن جي تحفظ ۾ ۽ هن ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ۾ ثابت قدم رهڻ گهرجي ته ڪوبه شخص قانون کان مٿانهون نه هجي۔ هن وڌيڪ چيو ته اسان کي اهڙو سماج پروان چڙهائڻ گهرجي جتي تڪرارن جو منصفاڻي طريقي سان حل ڪڍيو وڃي ۽ هر شهري پنهنجي زندگي ۾ انصاف جي موجودگي محسوس ڪري۔

پهنجو تبصرو موڪليو