اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ نافذ 1973 واري آئين تي ٿيل بحث واري ڪاپي سينيٽ لائبريري مان غائب ٿي وئي آهي. جيو نيوز ذريعن وٽان خبر ڏني آهي ته ڊگهي ۽ تاريخي بحث جي ڪاپي 5 جلدن تي مشتمل هئي. ڊسمبر ۾ آئين سازي جي بحث جو اهو رڪارڊ پارليامينٽرينز گهرايو هو پر ان بعد ان جو پتو ناهي ته ڪٿي آهي. ٻئي طرف سينيٽ لائبريرين ظاهر اختر جو چوڻ آهي.ته سينيٽ لائبريري ۾ 1973 جي آئين تي ٿيل بحث جو مڪمل رڪارڊ موجود آهي جنهن جي هارڊ ۽ سوفٽ ڪاپيون موجود آهن. ياد رهي ته 14 آگسٽ 1973 تي نافذ ڪيل متفقه آئين تمام ڊگهي بحث نعد منظور ٿيو هو.










