اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت کي وفاقي شرعي عدالت جي عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت امين الدين خان ٻين ججن سان گڏ نئين عمارت جو افتتاح ڪيو، تقريب ۾ وفاقي قانون واري وزير نذير تارڙ، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، سپريم ڪورٽ بار جي صدر هارون الرشيد ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي.وفاقي آئيني عدالت جي 3 بينچن نئين عمارت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪري ڇڏي.










