آئيني طور چونڊن جي تاريخ جو اعلان گورنر کي ڪرڻ گهرجي:حامد

آئيني طور چونڊن جي تاريخ جو اعلان گورنر کي ڪرڻ گهرجي:حامد

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ مشهور قانوندان حامد خان چيو آهي ته آئيني طور چونڊن جي تاريخ جو اعلان گورنر کي ڪرڻ گهرجي.هڪ بيان ۾ حامد خان چيو ته گورنر جان بوجھ ڪري چونڊن جي تاريخ ڏيڻ کان پاسو ڪري رهيو آهي، ان ڪري صدر پاڪستان چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو.هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي ان معاملي تي واضح ڪرڻو پوندو ته جيڪڏهن گورنر پنهنجو آئيني ڪردار پورو نه ٿو ڪري ته صدر سندس جاءِ تي چونڊن جو اعلان ڪري سگهي ٿو يا نه.

پهنجو تبصرو موڪليو