آئيني طور پرويز الاهي هاڻي پنجاب جو وڏو وزير ناهي رهيو: گهرو وزير

آئيني طور پرويز الاهي هاڻي پنجاب جو وڏو وزير ناهي رهيو: گهرو وزير

لاهور(ويب ڊيسڪ)وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته چوڌري پرويز الاهي ڪالهه اعتماد جو ووٽ نه ورتو هو هاڻي پنجاب جو وڏو وزير ناهي رهيو.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پنجاب جي گورنر سڀاڻي تائين وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو چيو هو پر هن ڪالهه اعتماد جو ووٽ نه ورتو، تنهن ڪري آئين تحت پرويز الاهي هاڻي ناهي رهيو. وڏي وزير جو نوٽيفڪيشن صرف هڪ رسم آهي.هن چيو ته پنجاب جو گورنر آئين تحت پنهنجا اختيار استعمال ڪري رهيو آهي، پنجاب جو گورنر جيئن ئي حڪم جاري ڪندو ته هو ان تي عملدرآمد ڪرائيندو.هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته صدر وزيراعظم جي هدايتن کانسواءِ ڪو به قدم نٿو کڻي سگهي، نئين وڏي وزير جي چونڊ جو شيڊول به گورنر کي ڏيڻو پوندو.راڻا ثناءُ الله چيو ته اسان اليڪشن مان فرار ٿيڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي آهي، اسان اليڪشن لاءِ ڀرپور تياري ڪري ورتي آهي، نواز شريف جي وطن واپسي لاءِ تاريخون ڏيڻ مناسب نه سمجهيو، نواز شريف اسان جو ليڊر آهي، هو اسان جو ساٿ ڏيندو. سندس اچڻ جي تاريخ ته ڏيو پر اسان سندس استقبال لاءِ ڀرپور تياريون ڪيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو