اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) آئيني ترميم ۾ 20 کان وڌيڪ شقن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. ذريعن موجب آئيني ترميم ۾ 20 کان وڌيڪ شقن کي شامل ڪيو ويو آهي. آئين جون شقون 63، 51، 175، 187 ۽ ٻيا شامل آهن.بلوچستان اسيمبلي جي نمائندگي ۾ اضافي جي ترميم به آئيني ترميم ۾ شامل آهي. بلوچستان اسيمبلي جون سيٽون 65 مان وڌائي 81 ڪرڻ جي تجويز آهي.آئين جي آرٽيڪل 63 ۾ به ترميم ڪئي ويندي، ناراض ميمبرن جي ووٽ بابت آرٽيڪل 63 ۾ ترميم به شامل آهي. آئيني عدالت جي فيصلي تي اپيل آئيني عدالت ۾ ٻڌي ويندي، آئيني عدالت ۾ آرٽيڪل 184، 185 ۽ 186 بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿيندي.آئين جي آرٽيڪل 181 ۾ به ترميم ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ نه ڪئي ويندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز کي ٻين صوبن جي هاءِ ڪورٽس ۾ اماڻي سگهبو.ذريعن موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جي مقرري سپريم ڪورٽ جي 5 سينئر ججز جي پينل سان هوندي. حڪومت سپريم ڪورٽ جي 5 سينئز ججز مان چيف جسٽس مقرر ڪندي.آئيني عدالت جا ٻيا 4 ججز به حڪومت مقرر ڪندي. سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججز جي مقرري لاءِ جوڊيشل ڪميشن ۽ پارلياماني ڪميٽي کي گڏ ڪيو ويندو……قومي اسيمبلي جي اڄ ٿيندڙ اهم اجلاس جو ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي.قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ 11.30 وڳي طلب ڪيو ويوهيو، جنهن لاءِ 6 نقاطي ايجنڊا پڻ جاري ڪيو ويو، پر هاڻي قومي اسيمبلي جي اجلاس جو وقت تبديل ڪيو ويو آهي.قومي اسيمبلي جو اجلاس هاڻي ساڍي 11 وڳي بدران ساڍي 4 وڳي رکيو ويو ، جيڪو رات 8 وڳي تائين ٿيندو خاص پارلياماني ڪميٽي قومي اسيمبلي جي اجلاس جو وقت تبديل ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي.صبح 10 وڳي اجلاس کانپوءِ ڪميٽي اسپيڪر کي ٻڌايو ته اهم معاملن تي فيصلن لاءِ وقت جي ضرورت آهي.قومي اسيمبلي جي اڄ جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ وقفي سوالن کان علاوه 2 ڌيان ڇڪايو نوٽيس به شامل آهن.پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر جي خطاب تي شڪريو ادا ڪرڻ به ايجنڊا ۾ شامل آهي، ان کان علاوه ميمبرن پاران اعتراض اٿارڻ جو معاملو به ايجنڊا جو حصو آهي.حڪومت پاران تجويز ڪيل آئيني ترميمي بل کي ضمني ايجنڊا ذريعي پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.قومي اسيمبلي مان آئيني ترميم جي منظوري لاءِ جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جو ڪردار اهم بڻجي ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ڪجهه ڏينهن ۾ مولانا فضل الرحمان سان ٻه ڀيرا ملاقات ڪري چڪو آهي، جڏهن ته صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري به جي يو آءِ سربراهه سان ملاقات ڪري کيس آئيني ترميم جي حمايت ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.ان کان علاوه پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفد به گذريل رات مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي.










