آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پاڪستان سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پاڪستان سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

ڪراچي)ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ پاڪستان بنگلاديشن کي 5 وڪيٽن تان شڪسڪت ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو آهي ايڊيليڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش جي ڪپتان شڪيب الحسن ٽاس کٽي بابر اعظم کي فيلڊنگ جي دعوت ڏني، بنگال ٽائيگرز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 127 رنسون ٺاهيون پاڪستاني ٽيم 5 وڪيٽون وڃائي 18 هين اور ۾ حدف مڪمل ڪري ورتو، ڪپتان بابر اعظم 33 بالن تي 25 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته محمد رضوان 32 بالن تي 32 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، شان مسعود 24 رنسون ٺاهي ناٽ رهيو پهرين اننگز ۾ شاهين شاهه آفريدي 4، شاداب خان 2، افتخار احمد ۽ حارث رئوف هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي شاهين شاهه آفريدي کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي بابر اعظم چيو ته ام ميچ کٽڻ سان اعتماد وڌيوو آهي، ٻن شڪستن کانپوءِ هاڻي اسان جو ڌيان هن ميچ تي هو ڪاميابي تي خوشي آهي ان کان اڳ ايڊيليڊ جي گرائونڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ هالينڊ ڏکڻ آفريڪا کي 13 رنسن تان هارائي ڇڏيو هو

پهنجو تبصرو موڪليو