لاهور (ويب ڊيسڪ)آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور لاهور سميت سڄي صوبي ۾ سيڪيورٽي وڌائڻ جو حڪم ڏنو آهي.هن چيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنجاب پوليس هاءِ الرٽ تي آهي، پوليس جون آپريشنل، اسٽريٽجڪ ۽ لاجسٽڪ تياريون مڪمل آهن.هن چيو ته ضلعي انتظاميا، سول ڊفينس ۽ ريسڪيو 1122 سيڪيورٽي ادارن سان رابطي ۾ آهن، پنجاب پوليس پنهنجي فورسز سان گڏ دشمن جي سامهون هڪ سيسي واري ڀت آهي.










